سِينو ڀانڊو: Chest/ Thorax

سِينو ڀانڊو: Chest/ Thorax

سينو ڀانڊو Chest Thorax

سِينو (ڀانڊو: (Chest/ Thorax: جـسـم جـو هـيءُ حـصـو اڳـيـان ڳـچـيءَ (Neck) کان وٺي پيٽ جي مشڪي تهه (Diaphragm) ۽ پويان ڪياڙيءَ جي هڏي (Cervical) کان وٺي چيلهه (Lumbar) تائين ٿئي ٿو. سينو مخروطي شڪل جو ٿئي ٿو. اڳيان جي ڀيٽ ۾ پٺيان وڌيڪ ڊگهو ٿئي ٿو. سيني جي اڳيان وچ ۾ هڪ اُڀو تاڪيءَ وانگي چپٿرو ڊگهو هڏو هوندو آهي، جنهن کي ڪَوڙِي (يعني سيني جي تاڪي) چئجي ٿو. هن کي ’Sternum‘ چئبو آهي، جڏهن ته ميڊيڪل جي اصطلاح ۾ Breast Bone چـئبـو آهي، ان سيـنـي جي تاڪـيءَ (ڪَوڙي) تي سيني جو هڏائون پڃرو (Skeleton) هوندو آهي. سيني (ڀانڊي) جو هڏائون پڃرو (نرم)ڪُرٽڻن هـڏن (Cartilage Bones) ۽ سخت هڏن (Real/ Hard Bones) تي ٻڌل ٿئي ٿو. سيني جي اندرئين پاسي ڪرٽڻن هڏن جي ڪري پاسراٽيون ڪوڙيءَ سان ڳنڍ جي (Costal cartilage) وينديون آهن. سيني جي هڏائين پڃري ۾ هڪ پاسي ٻارهن عدد پاسراٽيون ٿين ٿيون، جن مان پهريون ست پاسراٽيون (Ribs) جن کي سچيون پاسراٽيون (True Ribs) به چئبو آهي، سنئون سڌو ڪوڙيءَ سان ڳنڍيل هونديون آهن ۽ ٽي پاسراٽيون اڻ سڌيءَ طرح ڪوڙيءَ سان ڳنڍيل هونديون آهن. سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح اندرين ڪرٽڻن هڏن جي ڪنارن (پاسن) جي ڪري ڏهه ئي پاسراٽيون ڪوڙيءَ سان ڳنڍيل هونديون آهن. باقي هڏائين پڃري ۾ ٻه لنڊيون پاسراٽيون ٿين ٿيون، جن کي Floating Ribs چئبو آهي. اهي ٻئي پاسراٽيون ڪنهن به حالت ۾ (سڌي يا اڻ سڌي طرح) سيني جي تاڪي (ڪوڙيءَ) سان ڳنڍيل نه هونديون آهن. سيني جي پوئين حصي جي هڏي (Cervical) کان وٺي چيلهه (Lumbar) تائين ٻارهن هڏا (مهرا) ٿين ٿا، جن کي Thoracic Vertebrae چئبو آهي، جيڪي پٺيءَ جي ڪنڊي (Spine) کان وٺي پاسراٽين سان ڳنڍيل هوندا آهن.
سيني (ڀانڊي) جي پولار (Thoracic Cavity) جي اندران توڙي ٻاهران انسان جي جسم جا مُک (خود مختيار) عضوا (Visceral) ٿين ٿا، جيئن سيني اندران ساهه جي سرشتي (Respiratory System) جا عضوا (ڦڦڙ)، هر هڪ پاسي هڪ هڪ ڦڦڙ ٿئي ٿو ۽ سيني جي کاٻي پاسي اندران رت جي دوري (Blood Circulation) جو مک عضوو دل (Heart) ٿئي ٿي. وچ سيني ۾ اندران کاڌي جي نالي (Oesophagus) ۽ ان جي مٿان ڪوڙي ٿئي ٿي. سيني جي مٿئين حصي جي ٻنهي پاسن ۾ هسلي (Clavicle) يا (Collar Bone) ٿئي ٿو، جڏهن ته عورتن کي سيني جي مٿان هر هڪ پاسي اُرههَ (Breasts) ٿين ٿا.
سيني جي هڏائين پڃري ۽ چمڙيءَ جي وچ ۾ جدا جدا ٻن قسمن جي مشڪن (Muscles) جو ڄار وڇايل آهي، جن مان هڪ قسم جي مشڪن (Pectoralis Major) جي مدد سان ٻانهون اڳتي پوئتي ۽ هيٺ مٿي ٿينديون آهن ۽ ٻئي قسم جي مشڪ (Pectoralis Minor) جي مدد سان ڪُلها (Shoulders) هيٺ مٿي ۽ اڳتي پوئتي ٿي سگهندا آهن. ائين سيني جي هڏائين پڃري ۽ چمڙيءَ جي وچ واري تهه (Layer) ۾ بلغمي سرشتي (Lymphatic System) جون ٻه وڏيون بلغمي سُتَ جون ناڙيون (Thoracic Duct) ٿين ٿيون، جن مان هڪ ناڙيءَ جي وسيلي مٿي جي کاٻي پاسي، کاٻي ٻانهن ۽ ڀانڊي جي کاٻي پاسي کان سُت (بلغمي پاڻيٺ) ۽ ٻي ساڄي پاسي جي ناڙيءَ جي وسيلي ٻنهي ٽنگن ۽ پيٽ جي هيٺئين حصي مان سُت (بلغمي پاڻيٺ) کڻي ٻئي ناڙيون اچي کاٻي پاسي جي وڏي نس (Innominate Vein) ۾ ڇڏينديون آهن.
(الف) سيني جون ڏيکاريون (Chest Presentations):
Alar Chest: اڳيان پويان چپٿرو سينو. هن قسم جي سيني کي (Flat Chest) سنئون سينو به چئبو آهي.
Amazon Chest: اهڙو سينو، جنهن تي هڪ اُرهه (ڇاتي Breast) هجي. پوءِ اهو پيدائشي (Congenital) نه هجي يا جراحي ڪري (Mastoidectomy) ڪٽيو ويو هجي.
Barrel Shapped: بندوق جي ناليءَ وانگي گول سينو، جيڪو ڦڦڙن جي پراڻي بيماري، ڦڦڙن جي اوڄن ۾ هوا ڀرجي وڃڻ (Pulmonary Emphysema) ڪري ٿيندو آهي.
Cholesterol Chest: هن قسم جو سينو ڦڦڙن جي سوراخن (Cavities) ۾ گهڻي مقدار ۾ ڪولسٽرول جو مادو ڀرجي وڃڻ ڪري ٿيندو آهي.
Flat Chest: هي ساڳي ئي قسم جو سينو آهي، جنهن لاءِ مٿي Alar Chest ۾ ڏنو ويو آهي.
Foveated Chest: ڪيف (Funnel) جي شڪل جهڙو سينو.
Peyrots Chests: بيدي جي شڪل (Oval) جهڙو سينو.
Pyriform Chest: ڀانڊي جو مٿيون حصو ڊگهو ۽ ويڪرو هجي، جڏهن ته هيٺيون حصو ننڍو هجي.
Paralytic Chest: سوڙهو سينو، جيڪو ايترو ڪمزور ڏسڻ ۾ اچي/ ٿي وڃي، جو ڪمزور چمڙيءَ مان پاسراٽيون ڏسڻ ۾ اچن.
Pigeon Chest: ڪبوتر جي سيني وانگي گُڪُ ٻاهر نڪري پوي، جنهن جو سبب سيني جي هڏن جي سلهه، سيني جي هڏن جو ڪمزور ٿي نرم ٿي وڃڻ، يا هڏن ۾ ڪيلشيم جي گهٽتائي، سيني جي تاڪي (Breast Bone) ٿي پوي. سيني ۾ هي گُڪُ هميشه سيني جي تاڪيءَ (ڪوڙيءَ) ۾ نڪرندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو